اسماعيل اداسي

اسماعيل اداسي: مشھور شاعر 1950ع ڌاري لاڙ ۾ سنڌوءَ جي قديم ڦاٽ گونيءَ جي ڪپ تي گولاڙچيءَ ويجهو ڳوٺ ڏاڙهون ملاح ۾ ڄائو. سخت ترين معاشي حالتن جو شڪار سندس ڪٽنب هارپي، ماهيگيري، واڍڪي ڪم، ڪوڏر توڻي ڌنارڪي ڪرت تي گذر ڪندو رهيو. 74-1973ع ۾ باقر سنائيءَ جا پورهيتن جا گيت پڙهيائين ته ڪايا پلٽجي ويس. ائين عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيو ۽ شاعري ڪرڻ لڳو، 1978ع ۾ صحافت جي آزاديءَ واري تحريڪ ۾ ڪراچيءَ جي ريگل چوڪ تان گرفتاري ڏنائين. کيس تمام سخت ٽارچر مان گذرڻو پيو. هن کي ڇهه مهينا سزا ملي. ان ئي تحريڪ دوران ڪميونسٽ پارٽيءَ جا ڪارڪن دوست ٺاهيائين. ان ئي تحريڪ دوران شميم واسطي، جي اين مغل، موسيٰ ديپڪ (ڊان اخبار وارو) ۽ ٻيا صحافي قيد ٿيا هئا. ان قيد دوران ’اداسي‘ مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتال تي ويٺو، جيڪا 17 يا 18 ڏينهن هلي. کيس سزا طور بند وارڊ به ڪيو ويو. نيٺ فاضل راهو اها بک هڙتال ختم ڪرائي. 1979ع ۾ اسماعيل اداسيءَ سنڌي ادبي سنگت کورواهه وڃڻ شروع ڪيو ۽ عوامي تحريڪ جو ڪُل وقتي ڪارڪن ٿي رهيو. اداسيءَ ٻيو ڀيرو آر ڊي'>ايم آر ڊي تحريڪ دوران 16 آگسٽ تي کورواهه ۾ جلوس ڪڍي گرفتاري ڏني ۽ جيل ويو. هن ڀيري هو 12 مهينا جيل ۾ رهيو. سندس شاعريءَ جو مجموعو ”ڍاٽيئڙا پٽ ڍول ڪٺا“ ۽ ”داستانِ بينظير“ ڇپيل آهن. هن 28 جنوري 2021ع تي وفات ڪئي، سندس ياد ۾ ”اسماعيل اُداسي يادگار ڪاميٽي“ کورواهه ۾ قائم ڪئي وئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.00.00  عيسوي

اسماعيل اداسي 1950ع ڌاري لاڙ ۾ سنڌوءَ جي قديم ڦاٽ گونيءَ جي ڪپ تي گولاڙچيءَ ويجهو ڳوٺ ڏاڙهون ملاح ۾ ڄائو.


2021.01.28  عيسوي

اسماعيل اداسيءَ 28 جنوري 2021ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رخسانه رخ سومرو
ڪيف رضواني
عالم شير گبول حاجي
تمر فقير
سترام داس جڳياس
شيلي
تاج محمد شيخ
فقيرعبدالغني ڀٽي اياز
جهانگير هاشمي
امداد جعفري
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون